ٽنڊوباگو (ن پ ا) ٽنڊوباگو ۾ گهٽي مان گذرڻ تان گهر ۽ مال جي واڙي تي حملو، فائرنگ، ڪهاڙيون لڳڻ سبب 2  ڄڻا زخمي، 6 ڄڻن خلاف ڪيس داخل خبر موجب ٽنڊوباگو ۾ گهٽي مان گذرڻ تان ڪاتيار برادري جي ٻن ڌرين ۾ ڇڪتاڻ وڌي وئي آهي، هڪ ڌر جي ماڻهن واپڊا هائيڊرو يونين جي اڳواڻ الله بخش ڪاتيار جي گهر تي حملو ڪري گهر جا دروازا ۽ دريون ٽوڙي ڇڏيون، الله بخش ڪاتيار هٿ نه اچڻ تي هٿياربند فائرنگ ڪندا هليا ويا، جنهن بعد هٿياربندن الله بخش ڪاتيار جي مال جي واڙي تي حملو ڪري اتي ويٺل سندس مامي سکيو ڪاتيار ۽ سئوٽ غلام مرتضيٰ ڪاتيار کي ڪهاڙيون هڻي مرڻينگ ڪري ڇڏيو، اهڙِي صورتحال سبب علائقي ۾ ڏهڪاءُ پکڙجي ويو، جڏهن ته حد جي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي صورتحال تي ضابطو آندو، پوليس زخمين کي اسپتال داخل ڪرائي 6 جوابدارن براديو، محمد حسن، غلام اڪبر، مير زمان، امتياز ۽ عبدالغفار ڪاتيار تي ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي، ڪابه گرفتاري عمل ۾ ناهي اچي سگهي.