ٽنڊوباگو(رپورٽ: انور عباسي) ٽنڊوباگو شھر ۾ ٽنڊوباگو- جهڏو روڊ تي جمالي ذات جي نوجوانن ۽ مڱڻهار ذات جي نوجوانن ۾ معمولي ڳالهه تان ٿيل جهيڙي کانپوءِ ٽنڊوباگو ٿاڻي تي جمالي ذات جي ٻن نوجوانن تي ڪيس داخل ڪرائڻ جي ردعمل ۾ جمالي ذات جي 30 کان وڌيڪ نوجوانن مڱڻهارن جي دڪانن تي حملو ڪري دڪاندار عبدالڪريم مڱڻهار، سجاد الستي، خالق ڏنو مڱڻهار سميت 10 کان وڌيڪ پورهيتن کي لٺيون ۽ ڪھاڙيون هڻي سخت زخمي ڪري، ٻن دڪانن جي شيشي وارن ڪٻٺن جا سمورا شيشا ٽوڙي فرار ٿي ويا، جنهن خلاف واپارين ۽ دڪاندارن احتجاجن پنهنجا دڪان بند ڪري شٽر بند هڙتال ڪري ڪاروبار بند ڪري ڇڏيو، متاثر دڪاندارن ۽ شهرين جي وڏي تعداد عبدالڪريم، سجاد الستي، شاني مڱڻهار جي اڳواڻي شھرين ۽ واپارين احتجاجي ريلي ڪڍي باگو واهه پل واري چوڪ تي ٽائر ساڙي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، جتي چيئرمين ٽائون ڪميٽي خان صاحب جمالي، عطا حسين جمالي، يوسي چيئرمين حاڪم جمالي، يوسي چيئرمين فدا حسين ميمڻ، جي ڊي اي اڳواڻ دلبر سنڌي، فيصل چيما، سيد خدا ڏنو شاهه، جمعيت علماءَ اسلام جو اڳواڻ مولانا عبدالواحد فاروقي به واپارين سان گڏ ڌرڻي ۾ شريڪ ٿيا، ان موقعي تي سجاد الستي چيو ته اختر جمالي، راجا جمالي، ملڪ، وارث جمالي جي اڳواڻي 30 کان چاليهه ماڻهن هٿيارن اسان جي دڪانن تي حملو ڪري عبدالڪريم، سجاد الستي، عبدالرحمان، خالق ڏنو کي زخمي ڪري فرار ٿي ويا آهن، چيئرمين خان صاحب جمالي خطاب ڪندي چيو ته منهنجي ذات جي لوفر ماڻهن شھر جي شريف دڪاندارن سان وڏي ناانصافي ڪئي آهي، ٽن ڪلاڪن کان پوءِ ايس ايچ او بدين انور لغاري ڌرڻي واري هنڌ پهچي، ڌرڻي ۾ ويٺل اڳواڻن سان ڳالهيون ڪري جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ ۽ ايس ايچ او ٽنڊوباگو اصغر سٺيو جي بدلي لاءِ ايس ايس پي بدين رپورٽ پيش ڪرڻ واري يقين ڌياني ڪرائڻ تي ڌرڻو ختم ڪيو ويو، هنن ايس ايس پي بدين کان گهر ڪئي ته فوري طور تي جوابدار گرفتار ايس ايچ او ٽنڊوباگو کي هتان کان بدلي ڪري شهر ۾ امن امان قائم ڪرايو وڃي.