ٽنڊو باگو(ن پ ا) ٽنڊو باگو ۾سنڌي شاگرد تحريڪ جي اڳواڻ شهيد سراج هاليپوٽو جي ٻين ورسي ملهائي وئي، اڳواڻن پاران مزار تي حاضري ڀري گلن جي ورکا ڪئي وئي، ورسي جي موقعي تي ڪئنالن منصوبي خلاف جاڳرتا ريلي، جدوجهد تيز ڪرڻ جو اعلان خبر موجب عوامي تحريڪ ضلعي بدين طرفان سنڌي شاگرد تحريڪ جي اڳواڻ ۽ ليڪچرار شھيد سراج ھاليپوٽو جي ٻين ورسي جي موقعي تي ٽنڊو باگو ويجهو ڳوٺ بچو ھاليپوٽو ۾ هڪ ڏينھن جو تعليمي تربيتي ورڪشاپ به منقعد ڪيو ويو، تعليمي ورڪشاپ ۾ عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، عوامي تحريڪ جي مرڪزي رابطا سيڪريٽري لال جروار شاهه لطيف جو فڪر جي عنوان تي ليڪچر ڏنو، تربيتي ورڪشاپ ۾ ضلع صدر مھراڻ درس، سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ زرقا ھاليپوٽو، بيگم زنئور، فطرت ھاليپوٽو، مروبت ھاليپوٽو، عظمت ھاليپوٽو، عوامي تحريڪ ضلع جنرل سيڪيٽري مختيار بڪاري، جاکرو نوحاڻي، محمد علي ٽالپر، سومار ھاليپوٽو، ايڊووڪيٽ فاضل زنئور، بھادر ٽالپر، سنڌي شاگرد تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ دلدار نوحاڻي، ضلع بدين جي جنرل سيڪريٽري رشيد ھاليپوٽو، سنڌي ادبي سنگت ٽنڊوباگو جي اڳواڻ امرکتري، سنڌي ھاري تحريڪ ضلع بدين جي آرگنائيزر پرشوتم ڪولھي ۽ ٻين شرڪت ڪئي، ان موقعي تي ڳالهائيندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري چيو ته رسول بخش پليجو جو فڪر ٽين دنيا جي مظلوم قومن جي نجات جو ذريعو آهي، فڪر رسول بخش پليجو مارڪسي سائنس جي روشني ۾ ٽين دنيا جي مظلومن کي قومي ۽ طبقاتي جدوجھد جو گس ڏئي ٿو، رسول بخش پليجو دنيا جي عظيم نظريا دانن مان هڪ هو، اڄ سنڌ کي فڪر رسول بخش پليجو جي روشني ۾ قومي حقن لاءِ جدوجھد تيز ڪرڻ جي ضرورت آهي، سنڌ جي پاڻي تي ناجائز ڌاڙا جاري آهن، سنڌ جون زمينون، وسيلا، شهر، قدرتي وسيلا، تاريخي ماڳ ۽ مڪان وڪرو ڪيا پيا وڃن، سنڌ کي هر طرف کان سوڙهو ڪيو ويو آهي.