ٽنڊوباگو(ن پ ا) ٽنڊي باگي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ چورين جو آزار وڌي وڃڻ ڪري شھرين ۽ واپارين پاران سونهارو کاکڙ، عبدالڪريم بليدي، سچل ھاليپوٽو ۽ فدا ميمڻ جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري باگو واهه پل واري چوڪ تي ڌرڻو ھنيو ويو. ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته شهر ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ چورن رڻ ٻاري ڏنو آهي، خميس ڏينهن جو ٻنپهرن جو شهر جي وارڊ نمبر 7 مان منظور کاکڙ جي گهر مان چور ڏينهن ڏٺي جو 14 لک روپيا ڪيش ۽ 6 لک روپين جا سونا زيور چوري ڪري کڻي ويا، جڏهن ته جمعي جي رات دير سان چور بلاول مارڪيٽ مان ٻن درزين گيانچند ميگھواڙ ۽ ڪلارام ڪولھي جي دڪانن جا تالا ٽوڙي بئٽريون سلائي مشينون ۽ نوان سبيل ڪپڙن جا جوڙا چوري ڪري ويا. هنن چيو ته پوليس چورن سان مليل آهي، جنھن ڪري چورن کي گرفتار نٿي ڪري. هنن گهر ڪئي ته چورن کي گرفتار ڪري چوريون واپس نه ڪرايون ويون ته شهر ۾ شٽر بند هڙتال ڪئي ويندي.