ٽنڊوباگو (ن پ ا) تعلقي ٽنڊي باگي سميت بدين ضلعي ۾ يوريا ڀاڻ جي بليڪ مارڪيٽنگ ۽ هٿرادو اگهن خلاف آبادگارن جي اعلانيل ڌرڻي سبب ڊپٽي ڪمشنر بدين آغا شاهنواز جي هدايت تي ڀاڻ جي ڊيلرن ۽ آبادگارن وچ ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر جي آفيس تي اسسٽنٽ ڪمشنر ٽنڊوباگو اشتياق علي منگي، مختيار ڪار ٽنڊوباگو غلام ياسين پنهور، ايگريڪلچر ايڊيشنل ڊائريڪٽر امتياز علي ڀٽو جي اڳواڻي ۾ اهم ميٽنگ ٿي گذري. لڳاتار ڀاڻ جي ڊيلرن ۽ آبادگارن وچ ۾ چار ڪلاڪ ڳالھيون ٿيڻ کان پوءِ ميٽنگ ۾ طئي ڪيو ويو ته ٻن ڏينهن ۾ 2000 يوريا ڀاڻ جون ٻوريون سرڪاري ريٽ تي اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ مختيار ڪار ٽنڊوباگو جي اڳواڻي ۾ آبادگارن کي ڏنيون وينديون، جڏهن ته ٻي کيپ ۾ ٽي هزار يوريا ڀاڻ جون ٻوريون طئي ٿيل معاهدي تحت آبادگارن کي ڏنيون وينديون. ان کان علاوه ڪنٽرول ريٽ تي آيل يوريا ڀاڻ جو پنجاھ سيڪڙو اسسٽنٽ ڪمشنر جي اڳواڻي ۾ ڏنو ويندو ۽ پنجاھ سيڪڙو يوريا ڀاڻ ڊيلر پنهنجي حساب سان وڪرو ڪري سگهندا. ٻي طرف اوپن مارڪيٽ مان گهرايل يوريا ڀاڻ ڊيلر پنهنجي مرضي جي ريٽ تي وڪرو ڪندا.