ٽنڊوباگو(ن پ ا) ٽنڊو باگو جي بي آءِ ايس پي سينٽر حقدار عورتن جي پئسن مان ڪٽوتي ڪندڙ جوابدارکي پوليس گرفتار ڪري لاڪ اپ ڪري ڇڏيو آهي ان ڏس ۾ ڀي آءِ ايس پي سينٽر تي موجود عورتن صحافين کي ٻڌايو ته ڊوائيز ھولڊر في عورت جي پئسن مان 2000 رپين تان ڪٽوتيون ڪري رھيا آهن. جڏهن ته اڄ ٽنڊوباگو پوليس مونو ٽيڪنيڪل ڪاليج ٽنڊوباگو ۾ بي آءِ ايس پي سينٽر تي ڇاپو ھڻي حقدار عورتن جي پئسن مان سرعام ڪٽوتيون ڪندڙ ھڪ ڊوائيز ھولڊر سڪندر ملاح کي گرفتار ڪري لاڪپ ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ايف آءِ آر ۾ ٻن ڄڻن سڪندر ملاح ۽ سجاد سولنگي کي نامزد ڪيو ويو آهي.