ٽنڊوباگو(ن پ ا) ٽنڊوباگو جي نوجوان ناري پاران پنهنجي ئي مائٽ مٿان مبينا زيادتي ڪرڻ جو الزام، ناري جي فرياد تي ڪيس داخل. خبر موجب ٽنڊي باگو شھر جي وارڊ نمبر 4 جي رهواسڻ 17 سالن جي ثمينا ميمڻ پنهنجي برادري جي نوجوان من پٽ اشرف ميمڻ تي ساڻس مبينا طور تي زيادتي ڪرڻ جي ٽنڊوباگو ٿاڻي تي ايف آءِ آر داخل ڪرائي آهي. هن پوليس اڳيان بيان ڏيندي چيو ته من ميمڻ سان منهنجو ٽن سالن کان وٺي واسطو هلندڙ آهي، اڱاري جي شام جو هن مون سان فون تي رابطو ڪري مون کي پنهنجي ڪار ۾ ٽنڊوباگو شھر جي نئون آباد وارڊ ۾ هڪ جڳهه تي کڻي ويو، جتي هن مون سان زوري زبردستي زيادتي ڪئي ۽ مون کي مارڪٽ ڪئي آهي. رابطو ڪرڻ تي ٽنڊوباگو ٿاڻي جي وڏي منشي ٻڌايو ته جوابدار گرفتار ٿي نه سگهيو آهي. هن ٻڌايو ته ماتلي تعلقي اسپتال مان ڇوڪري جو ميڊيڪل ڪرايو آهي، جنهن جي رپورٽ نه ملي آھي. ٻي طرف الزام هيٺ آيل من ميمڻ سان رابطو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، پر هن نمبر مسلسل بند پيل هئڻ ڪري ساڻس رابطو نه ٿي سگهيو.