ٽنڊوباگو(ن پ ا) ٽنڊوباگو شھر جي بچل شاه ڪالوني جي رهواسي عورت گل بانو خاصخيلي پنهنجي ٽن معصوم ٻارن مرڪ، سجاد ۽ دعا سان گڏ ٽنڊوباگو پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو ته سندس پاڙي جا وحيد، غلام حسين، تصور خاصخيلي ۽ ٻيا منهنجي مڙس جي غير موجودگي ۾ منهنجي گهر ۾ گهڙي مون سان زيادتي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، مون تي ۽ منهنجي معصوم نياڻي دعا تي تشدد ڪري زخمي ڪري ڇڏيو. هن چيو ته ٽنڊوباگو پوليس مون کان 5 هزار رشوت وٺڻ باوجود بااثرن جي چوڻ تي جوابدارن کي گرفتار نٿي ڪري. هن آءِ جي سنڌ، ڊي آئي جي حيدرآباد ۽ ايس ايس پي بدين کان گهر ڪئي ته جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي.