ٽنڊوباگو(ن پ ا) ٽنڊوباگو ۾ شهرين کي منشيات وڪڻڻ جي الزام ۾ گرفتار ڪرڻ تان انهن جو ٽنڊوباگو پوليس ٿاڻي جي اھلڪارن سان جھيڙو ٿي پيو جنهن ۾ لٺيون ۽ ڪھاڙيون لڳڻ ڪري ٻه پوليس اھلڪار شھزاد جت ۽ اصغر بروھي زخمي ٿي پيا. جن کي تعلقي اسپتال ٽنڊوباگو ۾ داخل ڪيو ويو، جتان ڳڻتي جوڳي حالت ھجڻ سبب شھزاد جت کي بدين جي انڊس اسپتال روانو ڪيو ويو. ٽنڊوباگو پوليس موجب ٽنڊوباگو کان خان شاھ روڊ تي پوليس اھلڪارن ٻن موٽر سائيڪلن تي سوار چئن نامعلوم منشات کڻي ويندڙن کي روڪڻ دوران ھنن حملو ڪري پوليس اھلڪارن کي زخمي ڪري وڌو ۽ منشات کڻي فرار ٿي ويا. جڏهن ته شھر ۾ چوٻول ھلي رھيا آهن ته جھيڙو ٽنڊوباگو شھر جي مصري شاھ قبرستان ڀرسان ڪالوني ۾ ٿيو آهي.