ٽنڊوباگو(ن پ ا) ٽنڊوباگو شھر جي وارڊ نمبر ٻه جو گذريل پنج ڏينهن کان ٽرانسفارمر سڙي وڃڻ ڪري واپڊا خلاف احتجاجي مظاهرو. ٽنڊوباگو شهر جي وارڊ نمبر 2 جي رھواسين پاران خدا ڏنو شاه، علي محمد رستماڻي، غلام مهدي مڱڻهار ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو ته گذريل پنجن ڏينهن کان پاڙي جو ٽرانسفارمر سڙي ويو آهي، جنهن ڪري گهرن ۽مسجدن ۾ پاڻي جي کوٽ ٿي وئي آهي. حيسڪو عملدارن کي بار بار چوڻ باوجود هو ٻڌڻ لاءِ تيار نه آهن. ٽنڊوباگو جي واپڊا عملي ۽ واپڊا سب ڊويزن تلهار جي ايس ڊي او سميت ڪير به نوٽيس وٺڻ لاءِ تيار نه آهي. هنن مطالبو ڪندي چتاء ڏنو ته ٻن ڏينهن اندر نئون ٽرانسفارمر لڳائي پاڙي جي بجلي بحال نه ڪئي وئي ته ٽنڊوباگو شهر جي باگو واه پل تي ڌرڻو هنيو ويندو.