ٽنڊوباگو(رپورٽ: انور عباسي) سنڌو درياءَ مان تڪراري ڪئنال ڪڍڻ خلاف ٽنڊوباگو ۾ سنڌياڻي تحريڪ پاران بچل شاهه ڪالوني کان هزارن جي تعداد ۾ سنڌياڻي تحريڪ جي عورتن ۽ عوامي تحريڪ جي ذيلي ونگن جي ڪارڪنن پاران سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر عمرا سمون، عوامي تحريڪ جو مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، سنڌي شاگرد تحريڪ جو مرڪزي صدر نويد عباس ڪلھوڙو، مرڪزي اڳواڻ اياز صالح پليجو، لال جروار جي اڳواڻي ۾ پيادل مارچ ڪري باگو واهه پل واري چوڪ تي ڌرڻو ھنيو ويو، جتي مختلف سياسي سماجي تنظيمن جا ڪارڪن ڌرڻي ۾ شريڪ ٿي ويا، ڌرڻو جلسي ۾ تبديل ٿي ويو. سنڌياڻي تحريڪ پاران ڪئنالن خلاف هزارين ماڻهن جي لڳل ڌرڻي کي سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر عمرا سمون، ايڊووڪيٽ وسند ٿري، لال جروار، دلدار لغاري، سنڌي شاگرد تحريڪ جي مرڪزي صدر نويد عباس ڪلھوڙو، مختيار بڪاري، فاضل زئور ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته وفاقي حڪومت پيپلزپارٽي جي ڪلهي تي بندوق رکي سنڌو درياء مان تڪراري ڪئنال ڪڍي رهي آهي، ڪئينال ڪڍڻ سان سنڌ جون زمينون ريگستان ۾ تبديل ٿي وينديون. هنن چيو ته اهو ڪٿي جو قانون آهي ته پنجاب جي چولستان ريگستان کي آباد ڪرڻ لاءِ حڪمران سنڌ جي سر سبز سنڌ تباهه ڪرڻ گهرن ٿا. ٺٽو، سجاول بدين، ٿرپارڪر، عمرڪوٽ، سانگهڙ، اڇڙو ٿر سميت سامونڊي پٽي جي 54 لک ايڪڙ زمين تي والار ڪري ڪارپوريٽ فارمنگ ڪرڻ سنڌو درياهه مان ڪئنال ڪڍي رهيا آهن. جيڪي ڪنهن به صورت ۾ قبول ڪو نه ڪنداسين، ان موقعي تي ڪئنال سمورا نامنظور، ڪئينال ٺاهيندي پادر کائيندين جا زوردار نعرا هنيا ويا. جڏهن ته ٽنڊوباگو جي نوجوان فنڪار اخلاق احمد خاصخيلي ڌرڻي ۾ جڳ جڳ جيئندو رهندو، سنڌو وهندو