ٽنڊوباگو (ن پ ا) ٽنڊوباگو ۾ملاح برداري جي ماڻهن پاران ذھني معزور نوجوان محرم ڪهيري کي مبينا لٺيون ۽ سروٽا هڻي مرڻينگ ڪري ڇڏيو سوشل ميڊيا تي وڊيو وائرل ٿي وئي، زخمي نوجوان کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ حيدرآباد اسپتال روانو ڪيو ويو، زخمي نوجوان جي ماءُ، ڀيڻن ۽ ٻين معذور کي زخمي ڪندڙن جي گرفتاري لاءِ والده امينا ڪهيري، ڀيڻن راحيلا، شبانا ڪهيري جي اڳواڻي ٽنڊوباگو پريس اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو ته بااثر منشيات فروش ناٿو ملاح، ساجن ملاح، مشتاق درس ۽ علي محمد ملاح لٺيون ۽ سروٽا هڻي محرم ڪهيري کي سخت زخمي ڪري ڇڏيو آهي، جيڪو هن وقت حيدرآباد جي اسپتال م داخل آهي. ٽنڊوباگو پوليس جوابدارن کي گرفتار نٿي ڪري، ھنن چيو ته جوابدار بااثر آهن جن پهرين اسان جي گهر ۾ گهڙي عورتن کي لٺيون هڻي زخمي ڪيو، بعد ۾ شهر جي هڪ شوروم تي ويٺل محرم ڪهيري کي سرعام لٺيون هڻي سخت زخمي ڪري هليا ويا، ٽنڊوباگو ٿاڻي تي اهڙي رپورٽ داخل ڪرائڻ کان پوءِ به پوليس کين گرفتار نٿي ڪري. ھنن آئي جي سنڌ، ايس ايس پي بدين کان گهر ڪئي ته فوري طور تي جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي.