بدين/ٽنڊوباگو(رپورٽر+ن پ ا) ٽنڊوباگو ۾ چورين جو آزار وڌي وڃڻ، بدامني ۽ منشيات خلاف ڪارروائيون نه ڪرڻ خلاف سنڌ ترقي پسند پارٽي جي ڪارڪنن ٽئي ڏينهن به لکاڏنو عمراڻي، ايوب ڀٽي، غلام مصطفي هاليپوٽو، سچل هاليپوٽو، عالم سنڌي جي اڳواڻي ۾ باگو واهه پل واري چوڪ تي بک هڙتال ڪئي وئي، ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته ٽنڊوباگو پوليس جي نااھلي جي ڪري شهر  ۾ روز موٽر سائيڪلون، موبائل فون، مسجدن مان سولر پليٽون ۽ بيٽريون چوري ٿي رهيون آهن. جڏهن ته پوليس چورن ۽ منشيات فروشن کي کلي ڇوٽ ڏئي ڇڏي آهي، هنن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي حيدرآباد ۽ ايس ايس پي بدين کان گهر ڪئي ته ٽنڊوباگو شھر مان چورين جو آزار ختم ڪرايو وڃي.بک هڙتال ڪئمپ تي ڊي ايس پي ٽنڊوباگو پاران ڳالهين لاءِ ٽنڊوباگو ٿاڻي جي منشي پهتو جتي ايس ٽي پي جي اڳواڻن سان ڳالهيون ڪري يقين ڏياريو ته ايس ٽي پي اڳواڻ جي چوري ٿيل موٽر سائيڪل واپس ڪرائي ويندي جنهن ڪري ايس ٽي پي اڳواڻن بک هڙتال ختم ڪئي.