ٽنڊو باگو(ن پ ا) ٽنڊي باگي ۾ حيسڪو ۽ سيپڪو واري حڪم بعد ٽنڊي باگي جي حيسڪو عملي پاران بجلي چوري ڪندڙن ۽ بل ادا نه ڪندڙن خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ڪندي شهر جي مختلف هنڌن تي ڇاپا هڻي سوين بجلي جا غير قانوني ڪنيڪشن ڪاٽيا ويا. جڏهن ته بجلي جي بل ادا نه ڪندڙن خلاف پڻ ڪاروائي ڪندي ڪيترائي ڪنيڪنشن ڪاٽيا ويا آهن. ان موقعي تي لائين سپريڊنٽ فدا حسين ميمڻ ٻڌايو ته اسان کي مٿان کان حڪم جاري ٿيل آھي ته غيرقانوني ڪنيڪشن ۽ بل ادا نه ڪندڙن خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي جنهن حڪم تي عمل درآمد ڪندي اڄ مختلف هندن تي ڪاروايون ڪري شهر مان سوين غيرقانوني ڪنيڪشن ختم ڪيا ويا آھن. هنن چيو ته جتي به غير قانوني ڪنيڪنشن لڳل هوندو يا بل بقايا هوندو انهن خلاف ايف آءِ آر داخل ڪري قانون جي پڪڙ ۾ آندو ويندو.