ٽنڊوباگو( ن پ ا) ٽنڊوباگو ۾ پيپلزپارٽي جي ايم اين اي مير غلام علي ٽالپر ۽ ايم پي اي ارباب امان الله پاران  جمالي هائوس تي کليل ڪچھري ڪوٺائي وئي جنهن ۾ شهرين چورين جي آزار، بدامني، ڀتاخوري ۽ منشيات خلاف دانھون ڪيون، پيپلزپارٽي جي جيالي جڳلو ميگھواڙ سرڪاري گهر ۽ نوڪريون نه ملڻ خلاف دانھون ڪيون. کڏهرو روڊ تي قتل ٿيل رڪشا ڊرائيور شمن ڪهيري جي ڀيڻ شبانا ڪهيري دانهيندي چيو ته ٽي مهينا گذري ويا آهن، پر ڀاءُ جا قاتل گرفتار ٿي نه سگھيا آهن، ٽائون جي ڪائونسلر محمد يوسف ملاح چيو ته هر برسات ۾ اسان جو ڳوٺ جليل ملاح سم نالي وارو نيڪال نه هئڻ سبب ٻڏيو وڃي اسان کي سم نالو ڏنو وڃي، ڪائونسلر زرينه بلوچ منشيات جي وڪري خلاف، مڱڻهار برادري جي معزز شخص محمد سومار مڱڻهار ڀائرن جي دڪانن تي حملو ڪري ٽوڙ ڦوڙ ڪري ٻه لک رپيا ڦر ڪرڻ خلاف دانهن ڪئي، کلي ڪچهري کي ايم اين اي مير غلام علي ٽالپر، ايم پي اي ارباب امان الله خطاب ڪندي چيو ته ماڻهن جا مسئلا نوٽ ڪري رکيا آهن، حل ڪيا ويندا، هنن چيو ته ٽنڊوباگو شھر ۾ جن وارڊن ۾ پيور بلاڪ جو رهيل ڪم آهي، اهو جلدي ڪرايو ويندو، هنن چيو ته اسان پاران ڏنل تعلقي ٽنڊي باگي جي روڊن واريون اسڪيمون منظور ٿي ويون آهن، جن جو جلدي ڪم شروع ٿي ويندو. کليل ڪچھري ۾ مير غلام علي ٽالپر، ارباب امان الله، ڊپٽي ڪمشنر بدين، چيئرمين ٽائون ڪميٽي خان صاحب جمالي، اسسٽنٽ ڪمشنر ٽنڊوباگو، ڊي ايس پي ٽنڊوباگو موجود هئا جن عوام جي مسئلن کي نوٽ ڪيو.