ٽنڊوباگو(ن پ ا) ضلعو بچايو تحريڪ پاران پاڻي تي ڌاڙي خلاف ھزارين ماڻھن درگاهه جمال شاهه کان ريلي ڪڍي نوتڪاڻي موڙ تي ڌرڻو ھڻي ڪراچي – جهڏو روڊ بلاڪ ڪري 3 ڪلاڪ ڌرڻو هنيو، ضلعو بچايو تحريڪ ۾ شامل قومي عوامي تحريڪ، جسقم، عوامي تحريڪ ۽ شيعا علماءَ ڪائونسل جي اڳواڻن خدا ڏنو شاهه، قمبر علي شاهه، گل حسن چانڊيو، ساحل شاهه، حنيف چانڊيو، صوڀو چانڊيو، مير پرويز آرائين ۽ ٻين چيو ته ڦليلي ڪئنال جو سمورو پاڻي علي پور تان ڪئنال اڪرم واهه کي ڏنو پيو وڃي، ھنن چيو ته1991 واري پاڻي ٺاهه مطابق پھرين اپريل کان ڦليلي ڪئينال کي پاڻي ملڻ کپي پر مئي ۾ به فصل ته ڇا پر انسانن جانور ۽ پکين جي پيئڻ لاءِ به پاڻي ناهي، چوپايو مال، پکي پکڻ به اڃ پيا مرن. ھڪ ھفتي اندر پاڻي نه مليو ته سيڍا آفيس حيدرآباد جو گهيراءُ ڪنداسين. هنن چيو ته نصير، سلطاني، مير واهه، امام واهه جاگير، مراد واهه، احسان واهه، لنڊو واهه، نصير ڊائون، نئون ماڻڪ پراڻو ماڻڪ، چانري واهه، مورجھر واهه سميت 30 کان وڌيڪ ڪئنالن ۽ واھن جو پاڻي بند ڪيو ويو آھي، هنن چيو ته ڦليلي ڪئنال جي ڏهه لک ايڪڙ ڪمانڊ ايريا کي تباهه ڪيو پيو وڃي. احتجاجي ڌرڻي ۾ آبپاشي کاتي ۽ سيڊا عملدارن خلاف سخت نعريبازي ۽ سيڍا کي ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو، هنن چيو ته هڪ هفتي اندر مستقل پاڻي نه ڏنو ويو ته سيڊا آفيس جو گهيراءُ ڪري اتي ڌرڻو هنيو ويندو.