ٽنڊو باگو(ن پ ا) ٽنڊي باگي ڀرسان پيرسن برساتي پاڻي ۾ ٻڏي فوت ٿي ويو آهي. ان ڏس ۾ ٽنڊو باگو _جھڏو روڊ تي ڳوٺ احمد پهنور ۾ 70 ورهين جو پيرسن رمضان پٽ محمد رحيم ملاح برساتي پاڻي ۾ ٻڏي فوت ٿي ويو آهي، جنهن جو لاش وارثن پاڻي مان ڪڍي ورتو. لاش ڳوٺ پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو. پيرسن کي غلام حسين درويش قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو آهي.