بدين/ٽنڊوباگو (رپورٽر+ن پ ا) ٽنڊوباگو ويجهو ٽرڪ پنگريو  ۾ سامان لاھڻ لاءِ وڃي رھي ھئي ته ڳوٺ جليل ملاح وٽ بجلي جي 11 هزار وولٽيج واري مين تار ھيٺ لڙڪڻ ۽ ٽرڪ ۾ ڦاسڻ ڪري ٽرڪ مٿي سوار نوجوان جاني شيدي سخت زخمي ٿي پيو. جنھن کي نازڪ حالت ۾ تعلقي اسپال ٽنڊوباگو آندو ويو، جتان ڳڻتي جوڳي حالت هجڻ ڪري کيس فرسٽ ايڊ ڏئي 1122 ايمبولينس ذريعي انڊس اسپتال بدين ريفر ڪيو ويو.