ٽنڊوالهيار(رپورٽ: نياز علي خاصخيلي) ٽنڊو الهيار ۾ ڊوائيس هولڊرن  پوليس تي لکين رپيا گم ڪرڻ جو الزام هڻي سينٽر بند ڪري ڇڏيا، مستحق پريشان ٿي ويا. تفصيل موجب ايس ايس پي ٽنڊو الهيار جي حڪم تي پوليس ڊوائيس هولڊرن خلاف وٺ پڪڙ ڪندي سندن سينٽرن تي ڇاپا هنيا، ڪارروائي دوران پوليس ڊوائيس هولڊرن جون ڊوائيسز، روڪ رقم ۽ مستحقن جا ڪارڊ به پاڻ سان کڻي وئي، پوليس ڪارروائي بعد ڊوائيس هولڊرن احتجاج طور سموري ضلعي ۾ بي آءِ ايس پي سينٽرن جو بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته پنهنجا سينٽر به بند ڪري ڇڏيا آهن، ان حوالي سان ڊوائيس هولڊرن جي اڳواڻ سيد مظفر شاهه چيو آهي ته پوليس گذريل ڏينهن بنا ڪنهن جواز جي سينٽرن تي وڃي ڊوائيس هولڊرن مٿان تشدد ڪري هر ڊوائيس تان لکين رپيا ۽ مستحق عورتن جا شناختي ڪارڊ ۽ ڊوائيسون به کڻي وئي. هن الزام هنيو ته پوليس  انهن مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا آهن، جڏهن ته سموري ضلعي جي ڊوائيس هولڊرن کي گرفتار ڪرڻ وقت پوليس 20 لک رپين کان وڌيڪ رقم کڻي غائب ڪري ڇڏي آهي ۽ داخل ايف آءِ آرز ۾ ڪجھه هزار ظاهر ڪيا ويا آهن، هن چيو ته جيستائين اسانجا پئسا ۽مستحق عورتن جا ڪارڊ ڊوائيزون ۽ ڪوڙا ڪيس ختم نه ڪيا ويندا اسانجو بائيڪاٽ جاري رهندو، جڏهن ته ٻي پاسي ضلعي جي مختلف علائقن ۾ سينٽرن تي مستحق عورتون صبح کان ويٺل آهن، جن جو اهو چوڻ آهي ته پوليس ناحق گرفتاريون ڪري ڪم بند ڪرائي ڇڏيو آهي اسين ٻن ڏينهن کان پريشان آهيون.