ٽنڊوالهيار(رپورٽر) ٽنڊو الهيار ۾ پاڻي کوٽ خلاف آبادگار روڊن تي نڪري آيا، مظاهرو ۽ ڌرڻو، روڊ بلاڪ ٿي ويو. نوڙي شاخ ۽ ميل شاخ جي آبادگارن پاڻي جي هٿرادو کوٽ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري مريد هوٽل اسٽاپ وٽ ڌرڻو هڻي رود بلاڪ ڪري ڇڏيو. آبپاشي عملدارن خلاف ڇتي نعري بازي ڪئي وئي. ان موقعي تي آبادگار اڳواڻ  هاشم خاصخيلي، هيرانندجاناڻي، سنتوش ڪمار ۽ ٻين  صحافين کي ٻڌايو ته گزريل ٽن مهينن کان ٻنهي شاخن ۾ آبپاشي ڪامورن ڏوڪڙن عيوض پاڻي منڍ جي بااثرن کي وڪري ڪري ڏنو آھي انسان ته ٺھيو پر جانور اڃ مرڻ لڳا آھن، آبپاشي عملدار هٿ وٺي اسانجي آباد زمينن کي سڪائي رهيا آھن، آبپاشي جي عملدارن کي بااثر ماڻھن جي سپورٽ هجڻ ڪري اسان ٽيلھه جي آبادگارن کي هٿ وٺي سڪائي ڪمزور ڪيو پيو وڃي، هنن چيو ته اسانجو زرعي زمينون سڪي بنجر ٿي رهيون آهن، اسانجا ايم پي اي به تماشو ڏسڻ ۾ مصروف آهن، هنن چيو ته بااثر آبادگار چاهن ٿا ته ننڍا آبادگار پاڻي جي کوٽ ڏسي پهنجون اباڻيون ٻنيو انهن کي سستي اگھ تي وڪڻي هليا وڃن آباگارن وزيراعليٰ سنڌ ۽ آبپاشي جي صوبائي وزير کان مطالبو ڪيو ته پاڻي چوري ۾ ملوث عملدارن خلاف قانوني ڪئي وڃي.