ٽنڊوالھيار ( رپورٽر)ٽنڊي الهيار ۾ ٻن تازن ڄاول ٻارن جا لاش هٿ آيا، ٽيڪسي اسٽينڊ وٽ ڪپڙي جي ٿيلھي ۾ پيل ٻن تازي ڄاول ٻارڙن جا لاش ڏسي  پاڙي جا ماڻھو گڏ ٿي ويا جنهن بعد ٽيڪسي ڊرائيورن ۽ علائقي واسين ٻنهي ٻارڙن جا لاش کڻي گل گيبي قبرستان ۾ دفنائي ڇڏيا ان موقعي تي علائقي واسين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پرائيويٽ اسپتالن ۾ غير قانوني ڪم ٿين پيا مختلف وقتن ۾ تازي ڄاول ٻارن جا لاش ملڻ معمول بڻجي چڪو آهي پر هتي ڪير پڇڻ وارو ناهي هنن چيو ته ضلعي انتظاميا ۽ صحت کاتي کي فوري طور نوٽيس وٺي معاملي جي جانچ ڪرائڻ گھرجي جيئن انساني جانيون ضايع ٿيڻ کان بچي سگهن