ٽنڊو الهيار (رپورٽر) ڊپٽي ڪمشنر ٽنڊوالهيار الطاف گوھر ميمڻ جي سخت ھدايت تي مختيار ڪار ٽنڊو الهيار نياز حسين سيال ٽنڊوالهيار شھر جو گشت ڪيو، ۽ عوام جي شڪايت تي مختلف دوڪاندارن ۽ ڀاڄيون (سبزي) وڪرو ڪندڙ 9 ڄڻن ريڙھي وارن تي 17000 ھزار ڏنڊ وجھي بروقت وصول ڪيو، ان موقعي تي مختيار ڪار واپارين ۽ دوڪاندارن کي ھدايت ڪئي ته جيڪو به لسٽ کان وڌيڪ اگھه عوام کان وصول ڪندو ان خلاف سخت قانوني ڪاروائي عمل ۾ آندي ويندي ۽ ڪنهن کي به قانون ۾ ھٿ کڻڻ جي ھرگز اجازت نه ڏيندي ويندي.