ٽنڊوالھيار (رپورٽر)نانگناھ شاخ جي آبادگارن مختيار احمد لغاري مجيد جروار بابو لغاري قادر بخش لغاري جي اڳواڻي ۾ سخت احتجاج ڪندي ڌرڻو هنيو. ان موقعي تي آبادگار ايريگيشن عملدارن خلاف سخت نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته ناگناھ شاخ تي ظلم جي انتهاء آھي ٻين شاخن تي اٺي ڏينھن وارو ھوندو آھي پر نانگناھ شاخ تي 21 ڏينھن کان پو به پاڻي نٿو کوليو وڃي پکي جانور اڃ مري رھيا آھن ھٿرادو نانگناھ شاخ جي آبادگارن کي تباھ ڪيو پيو وڃي جيسيتائين نانگناھ شاخ نه کولي ويندي درڻو جاري رھندو هنن وڌيڪ چيو ته آبپاشي عملدار هٿ وٺي پاڻي جي کوٽ ڏيکاري اسانجا فصل سڪائي رهيا آهن ، هنن چيو ته پاڻي جي هٿرادو کوٽ ايس ڊي او ۽ داروغن طرفان پيدا ڪيل آهي هزارين ايڪڙ زمين سڪي بنجر ٿي چڪي آهي آبادگار زرعي زمينون هوندي به مزدوريون ڪري رهيا آهن هنن وزيراعلا سنڌ  ۽ آبپاشي سنڌ جي وزيرکان مطالبو ڪيو ته پاڻي جي هٿرادو کوٽ ڏيکاري آبادگارن کي پيڻ جي پاڻي لا۽ پريشان ڪندڙ ايس ڊي او ۽ داروغي کي فوري طور هٽائي ناگناھ شاخ جي آبادگارن کي پاڻي ڏنو وڃي جنهن بعد آبادگارن سان ڊي سي ٽنڊوالهيار ڳالهيون ڪري کين يقين ڏياريو ته فوري طور پاڻي جي کوٽ ختم ڪئي ويندي ،جنهن بعد آبادگارن ڌرڻو ختم ڪيو.