ٽنڊو الهيار (رپورٽر) ٽنڊي الهيار جي عدالت قتل جي ٽن جوابدارن کي جنم ٽيپ جي سزا ٻڌائي ڇڏي. ان ڏس ۾ ٽنڊوالهيار جي فرسٽ ايڊيشنل سيشن جج ٽنڊوالهيار محمد عباس سيال جي عدالت قتل جو ڏوه ثابت ٿيڻ تي جوابدار محمد عرس, عبدالرحيم ۽ ذيشان کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي, جڏهن ته پنج لک روپيا في جوابدارتي ڏنڊ جي رقم پڻ ادا ڪندا جيڪا رقم مقتول ڍوليو جي وارثن کي ڏني ويندي.