ٽنڊوالهيار (رپورٽر ) ٽنڊوالھيار ۾ مبينا جڙتو مقابلي ۾ مارجي ويل نوجوان سليمان لنڊ جي وارثن مقابلي کي جعلي قرار ڏيندي ٽئين ڏينهن به احتجاج جاري رکيو. منوخان لنڊ ۽ ٻين صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اسان جي خلاف سياسي انتقامي ڪارروائي ڪئي وئي آهي،پي پي ايم پي اي ضيا عباس شاھ ۽ ان جا ماڻھن اسان کي مسلسل تنگ ڪندا رهيا ۽ اسان تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪرايا ويا، ٽنڊوالهيار پوليس نوجوان سليمان لنڊ کي بي گناھ ماري ڇڏيو، نوجوان ڏوهاري هو ته ان کي گرفتار ڪري ان جي خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي ها پر پوليس سياسي ونگار وھندي سليمان مٿان سياسي ماڻهن جي چرچ تي ڪوڙا ڪيس مڙھيا ۽ نوجوان کي گھر مان کنڀي روڊ تي بيهاري گوليون هڻي سرعام ماريو ويو هنن واقعي جو نوٽس وٺڻ لا۽ سپريم ڪورٽ  جي چيف جسٽس ۽ صدرپاڪستان کي اپيل ڪندي سپريم ڪورٽ تائين وڃڻ جو اعلان ڪيو.