ٽنڊوالهيار (رپورٽر) ٽنڊوالهيار جي ضلعي چيئرمين ميرپپو ٽالپر جي وفات کانپوءِ ضلعي ڪائونسل جي چيئرميني حاصل ڪرڻ لاءِ پيپلزپارٽي ٽنڊوالهيار هڪ ڀيرو ٻيهر ڌڙا بندي جو شڪار ضلعي جي  سڻڀي چئرميني حاصل ڪرڻ لا۽ پيپلزپارٽي جو مري گروپ . کوکر گروپ جي علاوه مرحوم چئرمين مير پپو ٽالپر جو پٽ مير سهيل ٽالپر به ميدان ۾ لٿل آهن. آصف زرداري جو ويجهو ساٿي رئيس غلام قادر مري پهنجي ڏوهٽي ضلعي جي وائس چئرمين درياخان مري کي ضلعي ڪائونسل جو مستقل چئرمين بنائڻ لا۽ پ پ اڳواڻ فريال ٽالپر سان ملاقات ڪئي آهي. جڏهن ته اهو به معلوم ٿيو آهي ته کوکر خاندان به پيپلزپارٽي جي اعليٰ قيادت کان ضلعي ڪائونسل جي چئرمين جي سيٽ ذوالقرنين کوکر لا۽ گهر ڪئي آهي زرائعن موجب  کوکر خاندان جي پ پ سينئير اڳواڻ حاجي عبدالستار  بچاڻي به حمايت ڪئي آهي .  مذڪورھ سڻڀي پوسٽ حاصل ڪرڻ لا۽ ضلعي ڪائونسل جي ميمبرن جي به حمايت حاصل ڪرڻ لا۽ پيپلزپارٽي جا ڌڙا ڪوششون وٺي رهيا آهن اهو به زرائعن کان معلوم ٿيو آهي ته ضلعي ڪائونسل جي ميمبرن جي حمايت به هڪ ڌڙي حاصل ڪري ورتي آهي ۽ زرائعن موجب ميمبرن لکت ۾ به حمايت جو اظهار ڪري ڇڏيو آهي .جڏهن ته باخبر زريعن کان اهو به معلوم ٿيو آهي ته صدر آصف زرداري سان به غلام قادرمري ۽ کوکر خاندان جي اهم شخصيت دوبئي ۾ ملاقات ڪئي آهي.