ٽنڊوالهيار(رپورٽر) ٽنڊوالھيار جي ميمڻ پاڙي جي مسجد جي ويجھو اسڪول ويندڙ 2 شاگردياڻين سان نازيبا حرڪت ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ تي شاگردياڻين جي رڙين تي پاڙي وارا نڪري آيا نامعلوم نوجوان فرار ٿي ويو، جنهن بعد پاڙي وارن سي سي ٽي فوٽيج سوشل ميڊيا تي وائرل ڪري ڇڏيا ،جنهن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته هڪ نوجوان اسڪولي شاگردياڻين کي حراسان ڪري ٿو ۽ هو رڙيون ڪري ڀڃي رهيون آهن واقعي تي سموري شهر جي شهرين ۾ سخت ڪاوڙ پکڙيل هئي شهرين ايس ايس پي ٽنڊوالھيار کان مطالبو ڪيو ته اسڪول لاءِ ويندڙ نياڻين کي حراسان ڪندڙ نوجوان کي گرفتار ڪري سخت کان سخت سزا ڏني وڃي ان ڏس ۾ رابطو ڪرڻ تي ٽنڊي الهيار جي پوليس چيو ته سي سي ٽي فوٽيج جي مدد سان نوجوان کي ڳولي رهيا آهيون جلد کيس گرفتار ڪيو ويندو جڏهن ته ٽنڊي الهيار جي شهري اتحاد جي اڳواڻن عمران خاصخيلي ۽ علي تهراڻي ٽنڊي الهيار پوليس کي 24 ڪلاڪن ۾ جوابدار کي گرفتار ڪرڻ جو ايلٽيميٽم ڏيندي چيو آهي ته ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو جنهن بعد ٽائيم نيوز تي اسڪولي نياڻين کي حراسان ڪرڻ جي خبر جو وزيرداخلا سنڌ ضياءِ لنجار نوٽيس ورتو ايس ايس پي ٽنڊوالهيار کان واقعي جا تفصيل طلب ڪيا ويا جنهن بعد ٽنڊي الهيار جي مددگار پوليس نياڻن کي اسڪول ويندي حراسان ڪندڙ نوجوان رضوان آرائين کي سي سي ٽي فوٽيج جي مدد سان گرفتار ڪري ورتو ان ڏس ۾ صحافين آڏو گرفتار جوابدار چيو ته مونکان وڏي غلطي ٿي وئي آهي آئون پهنجي غلطي تي شرمندو آهيان ٽنڊوالهيار جي اي سيڪشن ٿاڻي تي سرڪار پاران ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، ايف آءِ آر ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته جوابدار اسڪول ويندڙ ٻن نياڻين کي حراسان ڪري اغوا جي ڪوشش ڪئي جنهن کي سي سي ٽي فوٽيج جي مدد سان هٿ ڪري گرفتار ڪيو ويو آهي گرفتار جوابدار شهر جي شهبازڪالوني جو رهواسي آهي.