ٽنڊو الهيار(رپورٽر) ٽنڊي الهيار جي زميندار مزمل يوسفاڻي جي گهر ۾ چوري جي الزام ۾ 3 ڏينهن کان گرفتار 3 ملازم عورتون تسليم، تانيا ۽ سنبل کي ٽنڊوالهيار جي اي سيڪشن ٿاڻي تي ڇاپو هڻي جوڊيشنل مجسٽريٽ ون لالا اسد بازياب ڪرائي ورتو. ٽئي بازياب ٿيل عورتون شهر جي نصيبا ڪالوني جون رهواسي ٻڌايون وڃن پيون. نجمه خاصخيلي جي شڪايت تي ٽنڊوالهيارجي جوڊيشنل مجسٽريٽ ون لالا اسد ڇاپي دوران ٽنڊوالهيار جي اي سيڪشن ٿاڻي جي انٽري بڪ ۾ اکين ڏٺا سمورا تفصيل لکيا، بنا ڪنهن انٽري جي قيد ٿيل ٽنهي عورتن کي بازياب ڪري وارثن حوالي ڪيو ويو. جڏهن ته درخواستگزار عورت نجمه خاصخيلي چيو ته پيپلزپارٽي جي هڪ اڳواڻ جي فون تي ٽنڊي الهيار پوليس ٽن ڏينهن کان مسلسل قيد ڪريو تشدد جو نشانو بڻائيندي رهي ۔ ٽنڊوالهيار جوڊيشنل مجسٽريٽ ٽنهي عورتن کي اڄ عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم جاري ڪيو. ان موقعي تي ايس ايچ او اي سيڪشن ٻڌايو ته ٽنهي عورتن کي مزمل يوسفاڻي جي گهر مان چوري ڪرڻ جي شڪايت تي ٿاڻي تي گهرايو ويو هو هن چيو ته منهنجي حد ۾ ڏيڍ ڪروڙ جي چوي جاچ هلندڙ آهي ٽنهي عورتن جا فنگر ورتا ويا آهن چورن کي ڪنهن به صورت بخش نه ڪبو.ان کان اڳ گرفتار ٿيل عورتن جي وارثن بازياب ٿيل عورتن سان گڏجي پوليس خلاف سخت احتجاج ڪيو مسمات تانيا، مومل ۽ تسليم روئيندي چيو ته اسين غريب ضرور آهيون پر چور نه آهيون اسانکي بيگناھ گرفتار ڪري پوليس اسان مٿان تشدد ڪيو اسين زميندار مزمل يوسفاڻي جي گهر ۾ ڪم ڪنديون آهيون جٿي چوري ٿيڻ جون رڙيون ڪيون ويون ۽ پوليس کي گهرائي اسانجي ۽ بنگلي جي تلاشي ورتي وئي ۽ بنگلي جي هڪ واشروم مان هڪ ٿيلهو پوليس هٿ ڪري انهي مان لکين روپيا ظاهر ڪري اسانکي چيو ويو ته ٻيا پيسا ڪٿي آهن؟ بنگلي جي واش روم مان پيسن سان ڀريل ٿيلو هٿ اچڻ بعد سيٺن کي پهنجي گهر جي عورتن کان پڇا ڳاڇا لا۽ پوليس حوالي ڪن ها اسان غريبن کي بيھء پوليس هٿان ڪٽاريو ويو آهي جنهن جو انصاف ٿيڻ گهرجي.