ٽنڊوالهيار(رپورٽر) ٽنڊوالهيار ويجهو  عزيزآباد اسٽاپ وٽ روڊ حادثو روڊ ڪراس ڪندڙ پورهيت ڌرمون ڪڇي فوت ٿي ويو، مين ميرپورخاص ٽنڊوآدم روڊ جي عزيزآباد اسٽاپ وٽ تيز رفتار ڪار جي ٽڪر ۾ پورهيت ڌرمون ڪڇي زخمي ٿيو، جنهن کي سرڪاري اسپتال نيو ويو جتي زخمن جي سٽ نه سهندي فوت ٿي ويو، فوتي جو تعلق ڳوٺ هاشم درس سان ٻڌايو پيو وڃي ،پورهيت جو لاش ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، واقعي ۾ ملوث ڊرائيور ڪار سميت ڀڄي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويوک