ٽنڊوالهيار (رپورٽر) ٽنڊوالهيار جي هڪ قومي ۽ ٻن صوبائي سيٽن تي  پيپلزپارٽي جي قيادت پاران اميدوارن کي ٽڪيٽون جاري ڪري ڇڏيون آهن، قومي اسيمبلي جي تڪ 217 تي ذوالفقار ستار بچاڻي ۽ صوبائي تڪ پي ايس 58 تي سيد ضياءَ عباس رضوي ۽ پي ايس 59 تي امداد خان پتافي پارٽي ٽڪيٽ جاري ڪري ڇڏيا، جڏهن ته پي ايس 59 تي امداد پتافي کانسواءِ پارٽي ٽڪيٽ لاءِ ڊي جي کي ڇڏي پيپلزپارٽي ۾ شموليت ڪندڙ خير محمد کوکر جي فرزند ذوالقرنين کوکر ۽ آصف زرداري جي ويجهي ساٿي غلام قادر مري جي ڏوهٽي درياخان مري ۽ ڀاءُ اسماعيل خان مري پارٽي ٽڪيٽ جي آسري نامزدگي فارم جمع ڪرايا هئا ۽ تڪ پي ايس 59 تي اها ڳالھه گردش ڪري رهي هئي ته هن ڀيري پارٽي ٽڪيٽ درياخان مري يا ذوالقرنين کوکر جي حوالي ڪئي ويندي پر  پارٽي گذريل اليڪشن جيان هن ڀيري به ساڳئين اميدوارن کي ٽڪيٽ ڏئي ڇڏي.