ٽنڊوالهيار (رپورٽر) ٽنڊوالهيار ضلعي جي مختلف يونين ڪائونسلن ۾ سنڌ حڪومت پاران نوٽيفڪيشن جاري ٿيڻ باوجود ٻارڙن جي برٿ سرٽيفڪيٽ جي فيس اوڳاڙي جو انڪشاف ٿيو آهي. ان ڏس ۾  ٽنڊوالهيار ويجھو يونين ڪائونسل ٽنڊوسومرو جي رهائشي ارشاد خاصخيلي پاران ڊي سي ٽنڊوالهيار اڳيان برٿ سرٽيفڪٽ جي فيس اوڳاڙي بابت لڱت ۾ شڪايت ڏيندي ۔ نوٽس وٺڻ جو مطالبو ڪيو ان ڏس ۾  شڪايت ڏيندڙ شهري ٻڌايو ته ٽنڊوالهيار  ضلعي جي مختلف يونين ڪائونسل جا سيڪريٽري ۽  ٻين ملازمن طرفان برٿ سرٽيفڪيٽ جي فيس اوڳاڙي پئي وڃي هن چيو ته سنڌ حڪومت جي نوٽيفڪيشن باوجود يوسي ٽنڊوسومرو ۾ برٿ سرٽيفڪيٽ جي فيس ورتي پئي وڃي۔ انتهائي مجبور ٿي ڊي سي ٽنڊوالهيار کي شڪايت ڏني آهي يوسي ٽنڊوسومرو انتظاميا خلاف فوري طور ايڪشن کنيو وڃي هن وڌيڪ چيو ته ڊي سي ٽنڊوالهيار کي ڏنل درخواست تي عمل نه ٿيو ته سومر ڏهاڙي ڪورٽ سڳوري وينداسين.