ٽنڊوالهيار (رپورٽر ) ٽنڊوالهيار ضلعي انتظاميه ۽ ميونسپل ڪاميٽي ٽنڊوالهيار بنا ڪنهن نوٽس ڏيڻ جي انڪروجمنٽ جو بهانو بڻائي دوڪاندارن جا ڇپرا ۽ سائن بورڊ هيوي مشينن زريعي ٽوڙي اڇلائي ڇڏيا دوڪاندار ڇپرا ۽ سائن بورڊ مٿان ڪرڻ سبب زخمي ٿي پيا ۔ جنهن بعد شهرين ۽ دوڪاندارن صفيان خانزادا ذوهيب خاصخيلي جي اڳواڻي ۾ ضلعي انتظاميه ۽ ميونسپل ڪميٽي خلاف سخت احتجاج ڪري نعريبازي ڪئي ان موقعي تي شهرين ۽ دوڪاندارن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اي ڊي سي ون ۔سي ايم او ۽ مختيار ڪار ٽنڊوالهيار هٿ وٺي بنا ڪنهن نوٽس جي دوڪاندارن مٿان چڙهائي ڪري لڳل سائن بورڊ ۽ ڇپرا دوڪاندارن مٿان ڪيرايا آهن جنهن ڪري ڪيترائي دوڪاندار نوازعلي ۔صفيان خانزاده ۔عطر شاھ سميت 6 دوڪاندار زخمي ٿيا آهن دوڪاندارن وڌيڪ چيو ته ضلعي انتظاميه ۽ ميونسپل ڪميٽي جي بدمعاشي خلاف عدالت جو دروڃائينداسين ان موقعي تي اي ڊي سي ون ميڊيا کي ٻڌايو ته شهر ۾ اعلان ڪري دوڪاندارن کي ڇپرا ھٽائڻ جو ٻڌايو ويو هو صحافين پاران نوٽس ڏيڻ جي سوال تي اي ڊي سي ون چڙندي چيو ته منهنجي مرضي آهي نوٽس ڏيان يا نه ڏيان توهان ڪير ٿا ٿيو سوال پچڻ وارا .