ٽنڊوالهيار (رپورٽ:نياز خاصخيلي) ٽنڊوالهيار جي بي سيڪشن ٿاڻي جي حد دينو ڪالوني ۾ 33ورهين جي شفقت ولد غلام محمد جاڙيجو جو ڳولي لڳل لاش هٿ آيو، مسڪان نالي عورت کي بي سيڪشن پوليس گرفتار ڪري ورتو عورت حيدرآباد جي رهواسي ٻڌائي پئي وڃي فوتي نوجوان کيس حيدرآباد مان کڻي ٽنڊو الهيار ۾ هڪ خالي جڳهه تي کڻي آيو مسڪان نالي عورت ٻڌايو ته فوتي شفقت پسٽل سان مشڪري ڪري رهيو هو ته پسٽل مان ڳولي لڳڻ سبب فوت ٿيو آهي بي سيڪشن پوليس پهچي لاش کڻائي سول اسپتال ٽنڊوالهيار منتقل ڪيو آهي، ان ڏس ۾ رابطو ڪرڻ تي پوليس ٻڌايو ته مسڪان نالي عورت نوجوان جي معشوقه آهي گولي نوجوان خود مٿان پسٽل جا فائر ڪري پنهنجو انت آندو آهي.  جي اگر عورت هن کي قتل ڪري ها ته هو فرار ٿي وڃي ها پوليس وڌيڪ چيو ته مسڪان کي گرفتار ڪيو ويو آهي وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون.