ٽنڊوالهيار (رپورٽر) ٽنڊوالھيار لڳ ڳوٺ فقير محمد برفت واسي 20 ورهين جو نوجوان ڇٽو برفت 11 ڏينهن کان پراسرار نموني گم ٿي ويو، وارثن پاران اغوا جو شڪ ظاهر ڪيو ويو آهي، نوجوان جي وارثن مرتضيٰ برفت، ڪمال برفت،ذوالفقار علي ۽ ٻين جو چوڻ هو ته شڪ آهي ته بااثر اسان جي نوجوان کي اغوا ڪري ويا آهن، ان کان اڳ به اسانجا 2 ماڻهون انهن گم ڪري ڇڏيا هئا، پوليس دانهن ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي، هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪندي چيو ته نوٽيس وٺي نوجوان کي بازياب ڪرائي جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.