ٽنڊوالهيار(رپورٽر) پير ڪاٺي اسٽاپ تي تيز رفتار ڪوچ روڊ تي زيتون کپائيندڙ نينگر مٿان چڙهي وئي، نتيجي ۾ ڳوٺ نظير احمد صديقي واسي 12 وريهن جو چندر ڪڇي ڀيل فوت ٿي ويو . ٽنڊي الهيار جي بي سيڪشن ٿاڻي جي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کي سول اسپتال منتقل ڪيو. ضروري ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو پوليس ڪوچ کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو ڊرائيور فرار ٿي ويو.