ٽنڊوالهيار / عثمان شاھ ھڙي(نمائندن وٽان) عثمان شاھ هڙي ويجهو عمرساند ٿاڻي جي حد جمع خان لنڊ بس اسٽاپ وٽ پلاٽ جي ٽڪري تان هٿياربندن جي فائرنگ ۾ زخمي ٿيل وڌيڪ هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو آهي، جنهن کانپوءِ قتل ٿيلن جو انگ 5 ٿي ويو آهي. ڳوٺ ابراهيم ميرجت ۽ مٺو ميرجت جي قتل ٿيل ڳوٺاڻن سان گڏ زخمي ٿيل 16 ورهين جي مبين ميرجت سول اسپتال حيدرآباد ۾ زخمن جا سور نه سهندي زندگي جي جنگ هارائي ويو، جڏهن ته اڃا به واقعي ۾ زخمي ٿيندڙ ولي محمد ۽ الهداد ميرجت سول اسپتال حيدرآباد ۾ جياپي جي جنگ وڙهي رهيا آهن. واقعي ۾ هڪ ئي برادري جي قتل ٿيل 5 ماڻهن جو غريب گهراڻي سان واسطو آهي، واقعي کان پوءِ علائقي ۾ سوڳ ۽ ڏک جي لهر ڇانيل آهي پر اڃا تائين عمرساند پوليس ڪو به ايڪشن نه کنيو آهي. مارجي ويلن جي تعدفين ۾ علائقي جي سياسي سماجي برادرين جي ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. تل ٿيلن ۾ هاشم، يامين، عيسيٰ، مبين، قاسم ميرجت شامل آهن. ٻئي پاسي رات دير سان عمر ساند ٿاڻي تي محمد ايوب ميرجت جي فرياد تي 7 ماڻهن تي 5 ماڻهن کي قتل ڪرڻ ۽ 2 کي زخمي ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. نورمحمد ميرجت، محرم ميرجت، اصغر ميرجت، نواز ميرجت، اڪبر ميرجت، مرتضيٰ ميرجت ۽ شوڪت آرائين تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي