ٽنڊوالهيار(رپورٽر) ٽنڊوالهيار جي اي سيڪشن ٿاڻي جي حد نصير واھ مان 35 ورهين جي اڻڄاتل شخص جو 5 ڏينهن پراڻو لاش هٿ آيو، علائقي واسين جي اطلاع تي پوليس ۽ ريسڪيو عملي نصير ڪينال مان لاش ڪڍي سول اسپتال پهچايو ، ان ڏس ۾ رابطو ڪرڻ تي پوليس ٻڌايو ته لاش 4کان 5 ڏينهن پراڻو آهي، جيڪو نصيرواھ ۾ لڙهندو آيو آهي جنهن جي سڃاڻپ اڃان تائين ناهي ٿي، وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون.