ٽنڊوالهيار(رپورٽر) ٽنڊي الهيار ضلعي ڪائونسل جي چئرمين شپ پيپلزپارٽي جي قيادت پاران اڳوڻي ضلعي چئرمين ميرپپو ٽالپر جي پٽ مير سهيل حوالي ڪرڻ جو فائنل فيصلو ڪري ڇڏيو، پيپلزپارٽي ضلعي صدر ظهير پتافي پارٽي ٽڪيٽ ميرسهيل ٽالپر حوالي ڪري ڇڏي، ميرسهيل ٽالپر کي پارٽي ٽڪيٽ ملڻ بعد ضلعي ڪائونسل ٽنڊوالهيار جي سمورن ميمبرن مير سهيل ٽالپر جي اڳواٽ حمايت جو اعلان ڪري ڇڏيو ۔جنهن ڪري ميرسهيل ٽالپر جي سامهون ڪو ٻيو اميدوار نه اچي سگهيو آهي جنهن جي ڪري هن جي بنا مقابلي ڪامياب ٿيڻ جا امڪان آهن، ان ڏس ۾ رابطو ڪرڻ تي مير سهيل ٽالپر پهنجي اخبار ۽ ٽائم نيوز کي ٻڌايو ته پارٽي ثڪيٽ جمع ڪرائي ڇڏيو آهي ۽ ڪورننگ اميدوار به منهنجي حق ۾ ريٽائير ٿي ويو آهي 15 مارچ تي سرڪاري ليٽر منهنجي ئي نالي جو نڪرندو جنهن ۾ مونکي بنا مقابلي ڪامياب تسليم ڪيو ويندو هن وڌيڪ چيو ته پارٽي جي اعلا قيادت مون مٿان اعتماد ڪندي ٽنڊي الهيار ضلعي ڪائونسل جي ضلعي چئرميني مون حوالي ڪئي آهي جنهن تي آئون بلاول ڀٽو زرداري ۽ فريال ٽالپر جو ٿورائتو آهيان.