ٽنڊوالهيار(رپورٽر)  ٽنڊي الهيار جون واپاري تنظيمون ٻن حصن ۾ ويرهائجي ويون آهن. ان ڏس ۾ هڪ ڌر ٽنڊي الهيار ضلعي جي انتظاميه خلاف 2 ڏينهن اڳ شٽر بند هڙتال جو سڏ ڏنو ته ٻي ڌر ضلعي انتظاميه جي حمايت ۾ ريلي ڪڍي شٽر ڊائون جي سڏ کي رد ڪندي ڪاروبار کولي رکڻ جو سڏ ڏئي ڇڏيو. ٽنڊي الهيار شهر جي مين مارڪيٽ ۽ ٻيا ڪاروباري مرڪز 18 ,19۽ 20 مارچ تائين بند رکي ضلعي انتظاميه خلاف احتجاج ڪرڻ واري فيصلي جي اڳواڻي ڪندڙ هڪ واپاري ڌر جي اڳواڻ وقار ميمڻ ۽ ٻين واپارين دوڪاندارن کان ڏنڍ جي مد ۾ ضلعي انتظاميه پاران ڀتو اوڳاڙڻ جو الزام هنيو هو ،جنهن تي ٽنڊوالهيار جي ڊپٽي ڪمشنر نور مصطفا لغاري صحافين پاران رابطو ڪرڻ تي چيو ته مهانگائي ڪندڙ ۽ ملاوٽ ڪري شئيون وڪرو ڪندڙ دوڪاندارن خلاف ڏنڍ به هنيا ويندا ۽ قانون موجب سزا به ڏني ويندي هڪ مخصوص ٽولي شٽر بند هڙتال جو سڏ ڏئي اسانکي اسانجي ڪم کان نٿو روڪي سگهي جڏهن ته واپارين جي هڪ ٻي تنظيم ڪالهه ٻي ڌر پاران ڏنل شٽر بند هڙتال جي سڏ کي رد ڪندي حميد قريشي ۽ ماما رتن لال جي اڳواڻي ۾ هڪ ريلي ڪڍي شهر جو گشت ڪري دوڪاندارن کي هڙتال نه ڪرڻ جو سڏ  ڏيڻ بعد شهر جي شاھ لطيف گيٽ آڏو ڊپٽي ڪمشنر جي حق ۾ نعريبازي ڪئي ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته ضلعي انتظاميه جي بهتر ڪاروائي جي حمايت ڪريون ٿا جن خلاف ضلعي انتظاميه ڪاروائي ڪئي آهي اهي ڪجھ دوڪاندارن جو هڪ مخصوص ٽولو آهي جيڪو واپارين کي ورغلائي هڙتال ڪرڻ چاهي ٿو مگر اسين اهو نه ٿيڻ ڏينداسين .