ٽنڊو آدم (ن پ ا) ٽنڊو آدم ويجهو ڪنب داڙون مائينر ۾ پاڻي جي هٿرادو وارا بندي خلاف آبادگارن احتجاجي مظاهرو ڪري هالا شهدادپور روڊ تي ڌرڻو هنيو جنهن ڪري ٽريفڪ معطل ٿي وئي، ان موقعي تي آبادگار اڳواڻن مھراب آهپن، شرف الدين نظاماڻي، جاويد نظاماڻي، اسلم جمالي ۽ ٻين الزام هنيو ته رشوت عيوض پاڻي وڪرو ڪيو پيو وڃي، رشوت نه ڏيڻ سبب ڪنب داڙون مائينر ۾ پاڻي جي هٿرادو وارا بندي ڪئي وئي آهي، هنن چيو ته اسان جو گذارو زراعت تي آهي، جيڪڏهن اها تباھ ٿي وئي ته اسان جو جياپو مشڪل بڻجي ويندو، هنن چيو ته روهڙي ڪئنال ۾ چاڙھ باوجود آبپاشي عملدار رشوت خاطر وارابندي ڪري شاخن ۽ مائنرن کي بند ڪيون ويٺا آهن، جنهن جو نوٽيس ورتو وڃي، هنن گهر ڪئي ته ڪنب داڙون مائينر ۾ ھٿرادو وارابندي ختم ڪري پاڻي ڏنو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.