ٽنڊو آدم(ن پ ا) ٽنڊو آدم ڀرسان جسقم پاران شھيد بشير خان قريشي جي ياد ۾ شهيد بشير خان قريشي ميموريل ٽيب بال ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ 16 فيبروري کان 27 فيبروري تائين ڳوٺ حاجي محمد اعظم ورياھ ۾ ڪرايو ويو جنهن ۾ 12 ٽيمن حصو ورتو، فائنل مئچ ۾ شاهين ڪرڪيٽ ٽيم پهريان بيٽنگ ڪندي 12 اوورن ۾ 167 رنسون ٺاهيون جواب ۾ علي حسن بروهي جي سپرفائٽر ٽيم بهترين کيڏندي 2 وڪيٽن جي نقصان تي ٽارگيٽ پورو ڪري فائنل پنهنجي نالي ڪري ورتو۔ فائنل مئچ جي تقريب ۾ جسقم جي مرڪزي اڳواڻ منورحسين شيخ، الھداد مري، مسعود سيال، غلام شبير ڪوريجو، بابو سنڌي، براد حسين بھڻ، عمر ورياھ، آفتاب ڏاھري ۽ ٻين شرڪت ڪئي۔ ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته صحتمند معاشري لاء رانديون تمام ضروري آھن، هنن سنڌ حڪومت کان ڪرڪيٽ جي واڌاري ۽ رانديگرن جي سهولت لاء ڪرڪيٽ اسٽيڊيم جوڙايو وڃي، آخر ۾ ونر ۽ رنر ٽيمن سميت بهترين ڪارڪردگي ڏيکاريندڙن رانديگرن ۾ انعام ۽ شيلڊون ورهايون ويون.