ٽنڊو آدم (ن پ ا) عوامي تحريڪ جي سڏ تي ڌارين جي نيڪالي، ٻوڏ متاثرن جي بحالي ۽ منشيات سميت سماجي براين جي روڪٿام لاءِ   ٽنڊو آدم ۾ لطيف گيٽ کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي  عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار،  نور احمد ڪاتيار، عبدالقادر رانٽو، سنڌياڻي تحريڪ جي زيب النساءَ لغاري ، ادي پريمي ڀيل ۽ ٻين چيو ته برساتن کي ٽي مھينا گذري چڪا آھن پر سنڌ جا اڪثر علائقا اڃان تائين پاڻي ھيٺ آھن، متاثر دربدري واري زندگي پيا گذارين،هنن چيو ته سنڌ ۾ ڌارين کي  آباد ڪري ڌرتي ڌڻين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش ۾ ٿي رهي آھي، ڌارين کي نيڪالي ڏئي ٻوڏ متاثرن جي واهر ڪئي وڃي.