ٽنڊوآدم(رپورٽ: سليمان ساند) ٽنڊوآدم ۾ پورهيت جي قتل خلاف ڪارخانا بند، وارث، پورهيت، شھري ۽ سول سوسائٽي سراپا احتجاج، ٿاڻي آڏو ڌرڻو، 3 ڏينهن ۾ جوابدار گرفتار ڪرڻ جو الٽيميٽم، رپورٽ موجب ٽنڊوآدم ۾ وڌندڙ بدامني خلاف ۽ نواز ٽائون ۾ موٽر سائيڪل ڦر دوران مزاحمت تي هٿياربندن هٿان قتل ڪيل مبارڪ ڪالوني واسي پورهيت 45 سالا غلام رسول راجپوت جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف شھر ۾ پاور لومز فيڪٽريون بند رهيو، جڏهن ته مقتول جا وارث، پاور لومز ۾ ڪم ڪندڙ پورهيت، شھري، انجمن تاجران ۽ سول سوسائٽي سراپا احتجاج بڻجي روڊن تي آئي ۽ ٿاڻي آڏو ڌرڻو هنيو، ان موقعي تي بلال راجپوت، ارشاد انصاري، اقبال ڀٽي، حبيب بهلم،  امجد آرائين، مرزا اشفاق بيگ، شھمير ڇٽو، نوشاد شيخ، ايڊووڪيٽ عبدالرزاق ساند ۽ ٻين چيو ته شهر ۾ بدامني جي باھه ڀڙڪيل آھي، جانيون ۽ ڪاروبار محفوظ ناهن، روزانو ڦر ۽ چورين جون وارداتون ٿي رهيون آھن پر پوليس عوام کي تحفظ فراهم ڪرڻ ۾ مڪمل طور ناڪام بڻجي وئي آھي، هنن چتاءُ ڏنو ته  جيڪڏهن 3 ڏينهن اندر پورهيت جي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار نه ڪيو ويو ته شھر ۾ مڪمل شٽر بند هڙتال ڪئي ويندي، ايس ايچ او سٽي مظاهرين وٽ پهچي ڳالهيون ڪري جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جي خاطري ڪرائي ڌرڻو ختم ڪرايو، ايس ايچ او چيو ته جيئن ئي مقتول جا وارث تدفين مان فارغ ٿي ايندا ته ايف آءِ آر سندن مرضي موجب داخل ڪئي ويندي، ذريعن موجب پوليس پاران ڪجھه گرفتاريون ڪيون ويون آھن، جن جي گرفتاري ظاهر ناهي ڪئي وئي.