ٽنڊوآدم ( ن پ ا) ٽنڊوآدم سٽي پوليس جي 10 موبائلن ۾ سوار اهلڪارن رات دير سان بلوچ پاڙي ۾ چڙھائي ڪري پاڻ سان گڏ آندل ڏاڪڻن تي چڙهي 3 گهرن اندر داخل ٿي 2 ڪلاڪن تائين تلاشي وٺندا رهيا جنهن بعد 7 ڄڻن پ پ جو ميونسپل ڪميٽي جو ڪائونسلر شاهد بلوچ سميت خدابخش عرف بابا بلوچ، شڪيل بلوچ، ڪامران بلوچ، آصف بلوچ ۽ هڪ مهمان بلال بلوچ کي گرفتار ڪري ويا. واقعي بعد بااثر ڌريون مامري کي لئي مٽي ڪرڻ لاءِ سرگرم ٿي ويون آھن پوليس ۽ گرفتار ڪيلن جي وارثن ۾ ڪيترائي ڪلاڪ ڳالهيون هلنديون رهيون. جنهن بعد پوليس رڳو 2 ڄڻن پ پ ڪائونسلر شاهد بلوچ ۽ سليم عرف ڪارو بلوچ جي عمران پمپ وٽان گرفتاري ظاهر ڪري 180 پڙيون گٽڪو هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي 16 ڪلاڪ گذري وڃڻ جي باوجود پوليس نه ته باقي گرفتار ڪيلن جي گرفتاري ظاهر ڪندي ڪيس داخل ڪيو آھي نه ئي کين آزاد ڪيو ويو آھي. پوليس ذريعن موجب ڪاروائي دوران ٽنهي گهرن مان وڏي مقدار ۾ گٽڪو ۽ گٽڪي ٺاهڻ جو سامان هٿ آيو آھي پوليس رابطو ڪرڻ باوجود ڪجھ به ٻڌائڻ لاء تيار نه هئي. ٻئي طرف گهر ڌڻين الزام هنيو ته پوليس گهرن مان ڦرلٽ ڪندي روڪ رقم، موبائيل فون، بيٽريون ۽ ٻيو سامان به کڻي وئي آهي.