ٽنڊو آدم (ن پ ا) ٽنڊو آدم بار ايسوسيئيشن پاران صدر عبدالله خٽڪ، عطاءُ الله رند، شيخ جاويد علي، اشرف پنهور، ثناءُ الله جوڻيجو، محمد بچل انڙ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ايس ايس پي حيدرآباد فرخ لنجار جي واپس چارج وٺڻ خلاف 7 ڏينهن به عدالتي ڪاررواين جو بائيڪاٽ ڪري احتجاج ڪيو، هنن چيو ته ايس ايس پي حيدرآباد جو وڪيلن سان نامناسب رويو رهيو آھي، اسان جي هڪ وڪيل دوست سان بيواجبي ڪري مٿس ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو ويو، هنن چيو ته۔اسان پرامن نموني احتجاج ڪيو جنهن تي ايس ايس پي حيدرآباد فرخ لنجار کي موڪل تي موڪليو ويو جنهن کي ٻيهر حيدرآباد ۾ مقرر ڪرڻ ناانصافي آهي، هنن گهر ڪئي ته ايس ايس پي حيدرآباد فرخ لنجار کي فوري تي هٽائي وڪيل برادري مان بيچيني ختم ڪئي وڃي.