ٽنڊوآدم (رپورٽ: سليمان ساند) ٽنڊوآدم ۾ نينگر سان اجتماعي بدفعلي، ويڊيو وائرل، اين سي داخل، 2 ڄڻا گرفتار ، رپورٽ موجب شهر جي چرخا گھر واري علائقي ۾ 6 ڄڻن نينگر ايان عباسي کي زبردستي ھڪ جاءِ ۾ وٺي وڃي اجتماعي بدفعلي جو نشانو بڻائي سندس ويڊيو ٺاھي سوشل ميڊيا تي وائرل ڪري ڇڏي، متاثر نينگر جي پيءُ امام بخش عباسي بي سيڪشن ٿاڻي تي 6 جوابدارن فرحان، بلال، بابو، وھاب شيخ ۽ ٻن نامعلومن خلاف اين سي داخل ڪرائي، بي سيڪشن پوليس ڪارروائي ڪري 2 جوابدارن وھاب شيخ ۽ احمد شيخ کي گرفتار ڪري ورتو آهي، رابطو ڪرڻ تي ڊي ايس پي موسيٰ ابڙو ٻڌايو ته ٻين جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪوششون جاري آهن، جلد ايف آءِ آر داخل ڪري نينگر جو ميڊيڪل چيڪ اپ ڪرايو ويندو.