ٽنڊوآدم(ن پ ا) ٽنڊوآدم ۾ نوجوان تيز ڌار ڇري سان جسم کي چھڪ ڏئي پاڻ کي رتورت ڪري ڇڏيو، نازڪ حالت ۾ حيدرآباد ريفر، رپورٽ موجب ٽنڊوآدم ۾ جمن شاھه پاڙي واسي نوجوان 22 ورهين جي مقصود احمد سولنگي تيز ڌار واري ڇري سان پنهنجي ڳلي سميت مختلف عضون کي چھڪ ڏئي رتورت ڪري ڪري ڇڏيو، زخمي کي وارثن تعلقه اسپتال آندو، جتان ڳڻتي جوڳي حالت هجڻ سبب طبي امداد ڏيڻ بعد حيدرآباد ريفر ڪيو ويو، هوڏانهن پاڙي ۾ نوجوان پاران گهرو اڻبڻت تان آپگهات جي ڪوشش ڪرڻ جا چوٻول هلندڙ آھن، وارثن موجب نوجوان جو دماغي توازن درست نه آهي.