ٽنڊو آدم (ن پ ا) ٽنڊي آدم ۾ اٽي سميت کاڌي پيتي جي شين جي مهانگائي ۽ سماجي براين، وياج خوري خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي 2 ڪلاڪ ڌرڻو هنيو ويو، ان موقعي تي سنڌ پاڪ تحريڪ جي اڳواڻن ۽ شهرين شاهجهان جوڻيجو، سرور ابڙو، انور چاڪراڻي، ذوالفقار نربان، شاھ عبيد، حاجي انور ٿهيم، عقيل ماڪوڙاڻي ۽ ٻين چيو ته سنڌ ۾ پ پ حڪومت ناڪام ٿي چڪي آھي، ماڻھن کي بنيادي ضرورت جون شيون پئسن سان به نٿيون ملن، هنن چيو ته اٽي جو اگھه 160 رپيا في ڪلو ٿي ويو آھي، مرغي جو گوشت 600 رپيا في ڪلو پيو ملي، جنهن ڪري غريب طبقو سخت پريشان آهي، هنن مطالبو ڪيو ته اٽو ۽ کاڌي پيتي جون شيون سستي اگھه تي ڏنيون وڃن ۽ سماجي برايون ختم ڪرايون وڃن.