ٽنڊو آدم(ن پ ا) ٽنڊو آدم ۾ مرحوم آفتاب قريشي ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جو فائنل جنون اسٽار پنهنجي نالي ڪري ورتو، فهيم ڪمانڊو قريشي ۽ عطاءِ الله بروهي جي ميزباني هيٺ مرحوم آفتاب قريشي ٽيپ بال ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جو فائنل ريلوي گرائونڊ تي ڏيرو ڪرڪيٽ ڪلب ۽ جنون اسٽار ڪرڪيٽ ڪلب جي ٽيمن ۾ کيڏيو ويو۔ ڏيرو ڪرڪيٽ ڪلب جي ٽيم پهريان بيٽنگ ڪندي 10 اوورن ۾ 6 رانديگر آئوٽ ٿيڻ تي 156 رنسون ٺاهيون. جنون اسٽار ڪرڪيٽ ڪلب  8 اوورن ۾ 157 رنسن جو ٽارگيٽ پورو ڪري فائنل ميچ پنهنجي نالي ڪري ورتو.  ٽورنامينٽ ۾ ٽوٽل 16 ميچ کيڏيا ويا. شاھه زمان آرائين کي مين آف دي فائنل ميچ جڏهن ته علي حسن مري کي مين آف دي ٽورنامينٽ قرار ڏنو ويو. تقريب ۾ نور حسن ٻگهيو، اختر ڪلوئي، فهيم ڪمانڊو قريشي، عطاءِ الله بروهي سميت حصو وٺندڙ ٽيمن جي رانديگرن ۽ شوقينن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، ٽورنامينٽ م ڪل 16 ٽيمن حصو ورتو.