ٽنڊوآدم (ن پ ا) ٽنڊوآدم ۾ سب جيل جي پلاٽ تي قبضي خلاف جيلر پاران ايڊيشنل سيشن جج ۽ سول جج کي شڪايت، ڏنل ڀت ڊهرائي ڇڏي، رپورٽ موجب ٽنڊوآدم ۾ ميونسپل اختيارين پاران سب جيل جي پلاٽ تي اڏاوت ڪرڻ جي مامري بابت سب جيل جي جيلر خدا بخش جوڻيجو پاران ايڊيشنل سيشن جج  نانگا رام ۽ سول جج عديل احمد عمراڻي کي شڪايت ڪئي، جنهن تي ٻئي جج سب جيل جي معائني لاءِ پهچي ويا، دوري دوران ڪيترن سالن کان پلاٽ تي ويهي پورهيو ڪندڙن پڻ ججز کي ڄاڻايل پلاٽ تان کين زبردستي اٿارڻ جون دانهون ڏنيون، جنهن بعد ٻنهي ججز سب جيل جي پوئين طرف کان ٿيندڙ قبضي لاءِ ڏنل ڀت کي ڊهرائي پٽ ڪرائي ڇڏيو، رابطو ڪرڻ تي جيلر خدابخش جوڻيجو ٻڌايو ته  ايڊيشنل سيشن جج هتي اڏاوت ڪرڻ کان منع ڪري ڇڏي آھي ۽ پوليس کي آئندهه قبضو ڪندڙ ڌر خلاف سخت قدم کڻڻ جو حڪم ڏنو آهي.